Debian Codegraph @

langclass/ShortTexts/sd.txt

raw
1 شخصيات
2
3 مختصر سوانح حيات مرحوم ” منٺارفقير راڄڙ“
4
5 واديءِ مهراڻ جو مردم خيز خطو ازل کان ئي افضل رهندو آيو آهي اهڙا هيرا ۽ جواهر پيدا ڪيا اٿس جو ڪوبه انهن جو مُلھ ڪٿي نٿو سگهي . سائين منٺار فقير راڄڙ به انهن مان هڪ آهي
6
7 راڄڙ قوم جي مختصر تاريخ راڄڙ قوم سنڌ جي قديم سمان قوم جي هڪ شاخ آهي شجري موجب 14 هاشم سان 20 راڄڙ سان 29 لاکي ڦلاڻي سان(مشهور سخي ڏاتار)42سمي سان ملي ٿي
8
9 فقير صاحب جا وڏا فقير صاحب جا وڏا اصل جيسلمير رياست جا رهندڙ هئا ، پاڻ ڀاڳيا مالوند ماڻهو هئا ، سندن گذر سفر مال تي هو جيئن ته جيسلمير وارياسو علائقو آهي لاڳيتن مينهن نه پوڻ ۽ خشڪ سالي جي ڪري پنهنجي مال متاع سميت اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. (اهو وقت ميرن جي صاحبي وارو هو) ۽ موجوده ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ اچي آباد ٿيا. فقير صاحب جن جا وڏا اصل کانئي ، قبله حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليه جا مريد هئا ، انهن مان ٻه فقير وڏا درويش اڳ به ٿي گذريا آهن (1) مهراڻ فقير راڄڙ ڪنگور جيسلمير انڊيا ،۽ ٻيو (2) سائين منٺار فقير راڄر.
10
11 انگريزن جي دور ۾
12
13 مهراڻ فقير راڄڙ ڳوٺ ڪنگور جو رهندڙ هو شروعات ۾ مشهور ڌاڙيل هو هڪ رات ڌاڙو هڻي موٽيو ، ڏسي ته هڪ ( لڏو) يعني مسافر فيملي پاڻي نه ملڻ ڪري اڃ جي شدت کان بيحال آهي ۽ انهن مان ٻه ماڻهوڪجھ ٺيڪ حالت ۾ هئا. پاڻ انهن کان پڇيائين ته توهين ڪير آهيو، انهن ٻڌايو ته اسين ڀيل آهيون پاڻي نه ملڻ ڪري تنگ ٿي پيا آهيون . پاڻ انهن کان سانداري ” مشق “ وٺي کين هڪ ويجهو تڙ ”کوه“سجھندو هوئن ان تان پاڻي ڀري اچي ، سڄي لڏي کي پياريئون ۽انهن کي چيائون ته مونکي دُعا ڪريو لڏي وارن چيو ته اسان جون دُعائون توساڻ آهين . پاڻ اتان روانا ٿيا ، اڳتي وڃي اهو خيال آين ته آئون هڪ لڏي کي پاڻي پياري انهن جي جان بچايم ، ۽ ٻين ڪيترن ئي بيگناهن جو مال ڪاهيو پيو وڃان . اهو خيال ڪري پوئتي موٽيا ته اڌ پنڌ تي اها واهر گڏين پاڻ سڀ مال انهن کي ڏئي انهن کان معافي ورتائين . ۽ پاڻ اتان سڌو جبل ڏي هليا جتي هڪ درويش رهندو هو ان وٽ پهتا . زمين سروي ٿي ته فقير صاحب جي وڏن کي به ڪافي زمين ملي. فقير صاحب جن جو والد وڏيرو قبول محمد پنهنجي راڄ جو چـڱون مڙس هو ، فقير صاحب جن جي ولادت باسعادت ، منٺار فقير جي ولادت کان اڳ وڏيري قبول محمد کي ٻه فرزند هئا هڪ ميان پرچي ٻيو ميان حافظ . ان کان پوءِ وڏيري قبول محمد کي ٻيو ڪوبه نرينه اولاد ڪون هو. هڪ دفع حضرت مخدوم امين محمد ” پکن ڌڻي “ رحمته الله عليه ناري جي سفر تي نڪتا ۽ کاڻي راڄڙ ۾ وڏيري قبول محمد جي دعوت تي تشريف فرما ٿيا . اُن کين چيو ته هتي ڪجھ ڪونه ٿيندو توهان پنهنجي مرشد وٽ وڃو، چيائين ته منهنجو مُرشد ڪٿي آهي ، هُن چيو اولھ طرف ڏي ، هو وڻ ڏسين ٿو اهي هالن جون نمِون اٿئي پوءِ مهراڻ فقير هالا شريف وٺي ويو ۽ فيض پرايائين.
14
15 منٺار فقير ڪنگور وارو هي مهراڻ فقير جو پوٽو هو وڏو درويش ٿي گذريو آهي جنهن جي چونڪي اڄ تائين مشهور آهي . اڃا تائين ڀاڳيا ماڻهو وڃايل يا جهنگ ۾ رهجي ويل مال جي لاءِ هيئن چوندا آهن. ته کين پنهنجو مال سلامت ملندو آهي هونئن به ماڻهو چوڪي ڏيندا آهن
16
17 ( فقير منٺار تنهنجي چوڪي آهي چوڌار ، لوھ جو ڪڙو رُڪ جي واڙ )
18
19 منٺار فقير ڪنگور واري جي وصال جو سال ۽ منٺار فقير کاڻي واري جي ولادت جو سال ساڳيو آهي ته الله سائين نيڪ ۽ صالح فرزند ڏي. سندن دُعا جواثر ٿيو ۽ پوءِ جلد ئي فقير صاحب جن تولد ٿيا ۽ سندن نالو منٺار رکيو ويو ، فقير صاحب جي ولادت جو سن متفق روايتن موجب 1865ع آهي
20
21 ٻالجتي
22
23 جئين ته فقير صاحب پنهنجي والدين جا ننڍا فرزند هئا تنهنڪري کيس گهر ۾ لاڏ ڪوڏ سان نپايو ويو پاڻ ننڍي هوندي کان حليم سلڇڻا ۽ هد کان وڌيڪ خوبصورت هئا، ليڪن کين ظاهري تعليم بلڪل ڪانه ملي ڇو جو ان وقت تعليم عام مروج ڪانه هئي پاڻ جڏهن ڳالهائڻ لائق ٿيا ته امومن هڪ ڏهر جا ڪجھ لفظ آلاپيندا هئا فقير صاحب جي ولادت کان ڪجھ ڏيهن پوءِ هڪڙا چار درويش دروازي تي آيا ۽ اچي صدا هنيائون ته جيجان اسان کي ڏاڏي جي زيارت ڪراءِ اهڙي طرح ٽي دفعا اها صدا هڻندا رهيا ، فقير صاحب جي والده فقير صاحب کي پينگهي مان کڻي دروازي تي آئي ، ۽ انهن مان وڏي فقير ٻارڙي کي هنج ۾ وٺي ۽ وات ۾ پڪ وجهي هئين چئي روانا ٿيا ته هي منٺار فقير ڪنگور وارو هتي آيو آهي هن جو ادب ڪجو هي دنيا ۾ مشهور ٿيندو.
24
25 جواني ديواني
26
27 جڏهن پاڻ سن بلوغت کي رسيا ته اڪثر گوشه نشين رهندا هئا ۽ تمام گهٽ ڳالهائيندا هئا جيڪڏهن ڪا ڳالھ چوندا هئا ته شعر ۾ چئي ويندا هئا ، سندن طاقت ۽ جواني جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترائي ڀيرا سرحل واھ جيڪو فقير صاحب جي ڳوٺ کان هڪ ميل تي آهي پنجويھ ٽيھ فوٽ ويڪرو آهي واھ تان ٽپي ويندا هئا خوشحالي طاقت ۽ زمينداري هوندي هئي پر سندن طبيعت ۾ غرور ۽ تڪبر نه آيو هڪ دفع سندن ڀاءُ ميان پرچي کين چيو ته فلاڻي ڪڙيي تي وڃي بٽئي ڪري اچو انهي ڪڙيي جي سار سنڀار به سندن هٿ هيٺ هئي پاڻ هارين جو حصو هارين کي ڏنائون باقي سڀ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيائون انهي واقعي مان سندن دنيا سان لاطمعي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
28
29 ذڪر بيعت
30
31 جئين ته سندن وڏا اصل کان ئي حضرت مخدوم نوح عليه رحمته جن جا مريد هئا ۽ پاڻ به حضرت پکن ڌڻي عليه رحمته جي دعا سان تولد ٿيا هئا جڏهن حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه ”راهونڊ“ راهونڊ هالا شريف کان اوڀر طرف ڏيڍ ميل پنڌ تي آهي ان وقت اُتي تمام گهڻو گهاٽو جهنگ هو ، اُتي جنگهلي جانور به گهڻا رهندا هئا راهونڊ کي پکا شريف پڻ چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته پاڻ اُتي پکا اڏي عبادت ۽ زيارت ۾ مشغول رهيا ان ڪري کين پکن ڌڻي پڻ چيو ويندو آهي . پاڻ حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه جن جوڳ پچائڻ لاءِ چلا ڪشي ڪري رهيا هئا ۽ اها خبر جماعت ۾ عام ٿي ويئي هئي . حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه جڏهن جوڳ پچائي واپس هالا شريف پهتا ته جماعتون هال شريف زيارت لاءِ روانيون ٿيون ، فقير صاحب جن به هال شريف روانا ٿيا اُتي کين اهو خيال آيو ته ذڪر بيعت وقت حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه جي حاضري ۾ هڪ سيّد هو، پاڻ ان کي چيائون ته آئون ذڪر وٺندس ان سادات جواب ڏنو ته ذڪر بند آهي . فقير صاحب کين چيو ته مون تي مهرباني ٿئي شاھ صاحب چيو ته ڇوڪرا تون ڪير آهين پاڻ چيائون ته آئون راڄڙ آهيان ۽ ناري ۾ رهان ٿو . شاھ چيو ته آئون وڃي ٿو عرض ڪريان پوءِ کٽن تنهنجا ڀاڳ شاھ صاحب وڃي حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه کي عرض ڪيو پاڻ يڪدم پڇيائون ته ڪير آهي ، شاھ صاحب وراڻيو ته راڄڙ آهي پاڻ فرمايائون ته ڪٿي جو آهي شاھ صاحب چيو ته ٿري ڇوڪرو آهي ، پاڻ چيائون ته سڏ ڪريو . شاھ صاحب يڪدم سڏ ڪيو فقير صاحب جن آيا ۽ حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه نظرون ملائي کين ذڪر تحليل ڏنائون . پاڻ ذڪر تحليل وٺي واپس ٿيا ته شاھ صاحب ۽ سڄي جماعت کين مبارڪ ڏني ته ڇوڪرا تون وڏي قسمت وارو آهين ، جو سڀن کان پهرين ذڪر ورتو اٿئي ۽ پاڻ واپس ڳوٺ پهتا
32
33 سندن شادي
34
35 انهي سال فقير صاحب جي ڀائرن ميان پرچي ۽ ميان حافظ پنهنجي برادر مان فقير صاحب جي شادي ڪرائي . هڪ دفعي مخدوم امين محمد سائين جن ناري جي سفر تي نڪتا ۽ پاڻ راڙ ۾ صحب چانهيون جيڪو حاجي عثمان چانهين کپري واري جو ڏاڏو هو. ( سندن ڀاءُ حافظ به هڪ درويش ٿي گذريو آهي) انهن جي دعوت تي پهتا ته کين واپس هالا شريف وڃڻ جو اشارو مليو پاڻ تياري ڪيائون اها خبر سڄي جماعت ۾ پکڙجي ويئي ڪافي ماڻهو رستا وٺي زيارت لاءِ بيٺا . فقير صاحب جن زيارت لاءِ نه وڃين سگهيا ڇو جو سندن وڏي ڀاءُ ميان محمد حافظ جي طبيعت ناچاڪ هوئي . پکن ڌڻي جيئن واپس هالا شريف پهتا ته جلد ئي بقا جي مُلڪ ڏي روانا ٿيا ، انهي واقعي جو فقير صاحب جن تي وڏو اثر پيو.
36
37 عشق جي چوٽ
38
39 فقير منٺار اڃان جواني ۾ مس رسيو ته حضرت عشق جي لپيٽ ۾ اهڙو سوگهو ٿيو جو مڙس عشق جي چنبن ۾ ڦاسي پيو. حقيقت هئين آهي ته ، ذات جا ڀيل ڳوٺ ڍيڳاري ذات لهڙيا تعلقو سودرو (جيڪو هينئر هندستان انڊيا ۾ آهي) مزدوري سانگي ڳوٺ کاڻي ۾ اچي ويٺا انهن ۾ هڪ ڇوڪري جيڪا صورت ۽ سيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي جنهن جي به ان ڇوڪري تي نظر تي پئي ، ته اهو پنهنجي پر ۾ مٿس ڇڪن ٿي تي پيو اُن ناز ڀري صورت تي اٽڪل ڇاونجاه ڄڻا عاشق ٿيا. فقير صاحب جو هڪ شعر آهي جنهن ۾ ڇاونجاه ڄڻن جا نالا آيل آهن پر افسوس جو پورو شعر هٿ نه اچي سگهيو صرف چند سٽون مليون .
40
41 اچي ساماڻي اوچتي ناز ڀري نينگر جنهن تي مڙئي عاشق ٿيا ڇاونجاه ڇوڪر مهت مليو منٺار کي جنهن ڇيهو ڪيو ڇوڪر
42
43 فقير صاحب به انهن ڇاونجاه ڄڻن مان هڪ هو گويا اها هڪ عشق جي بازي هئي کٽڻ هارائڻ ٻين جي هٿ ۾ هو. فقير صاحب جو هڪ شعر انهي حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو، عشق بادشاھ آهي بادشاهن کي تخت ڇڏائي عاقلن کي ناچو ڪري نچايو اٿس ، فقير صاحب جي حوالي جيڪو ڪڙيو هو ان جي سموري پيدائش ڀيلن جي حوالي ٿي . آخر اهو وقت آيو جو فقير صاحب کي پهريون انجام مليو ، پاڻ اتي پهتا ۽ مائي به انجام مطابق آئي ۽ پاڻ به ڏسڻ پسڻ ۾ موهت ٿي ويا تان جو رات جا اٽڪل (3) ٽي اچي ٿيا ، اتي کين نفساتي خواهش ٿي ، ته کين اُٺن ۽ گهوڙن جي هلڻ ۽ ذڪر ڪلمي جي تنوار ٻڌڻ ۾ آئي ، جي سڌا پاڻ ڏانهن پي آيا ، ۽ اهو آواز ٻڌائون ته مخدوم امين محّمد سائين جن اچي رهيا آهن ۽ پاڻ هڪدم اٿيا ۽ مائي کي چيائون ته وري سڀهاڻي ملنداسون اڄ مهنجو مُرشد اچي رهيو آهي ۽ پاڻ واپس وريا ۽ سڄو ڏينهن انهي ڳالھ تي سوچيندا رهيا ته مرشد سائين ته دارالبقا ڏانهن ويا آهن . هي ماجرا ڇا آهي آخر وري ٻي رات ٿي ۽ وري انجام تي ويا ۽ مائي به آئي ۽ وري ساڳئي وقت تي کين نفسياتي خواهش ٿي ته وري ساڳيا اُٺ ساڳيا گهوڙا ۽ ساڳئي ذڪر ۽ ڪلمي جي تنوار .
44
45 پاڻ چيائون ته انجام واري جاءِ مٽائجي ۽ سڀهاڻ رات وري ٻي جاءِ تي ملنداسون ، ائين چئي پاڻ روانا ٿيا ۽ ٻيو ڏينهن به انهي خيالن ۾ رهيا ته هي آهي ڇا . آخر ٽي رات به ساڳي حالت ٿي ۽ صبوح جو ڀيلن لڏو کنيو، واپس پنهنجي ملڪ روانا ٿيا ۽ فقير صاحب جن به پيڇو ڪيو ، رات ٿي لڏي ڍاٻو ڪيو ، فقير صاحب جن به ڪنهن کٻڙي هيٺان سمهي رهيا ، صبح جو لڏو ناري جو آباد علائقو ڇڏي ٿر جي وارياسي علائقي ۾ روانا ٿيا ۽ پاڻ نا اميد ٿي واپس وريا ۽ اچي جتي هينئر سندن درگاھ آهي اُتي ويهي رهيا ، پاڻ سڄي رات نفسياتي خيالن ۾ رهيا ۽ پوئين رات ساڳئين وقت تي کين ننڊ جي جهير آئي ، خواب ۾ ڇا ڏسن ته حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه گهوڙي تي چڙهي اچي رهيا آهن ۽ پاڻ اُٿي گهوڙو ورتائون سائن لهي فرمايو ته گهوڙي کي ڇڏي ڏيو توهين هيڏانهن اچو ۽ پاڻ اچي جتي فقير صاحب ويٺا هئا اتي ويٺا ۽ هڪ ڪتاب ڪڍي فقير صاحب کي ڏنائون ته پڙھ پاڻ جواب ۾ عرض ڪيائون ته قبله سائين آئون پڙهيل ڪونه آهيان ، پاڻ فرمايائون ته پڙھ اسين توکي پڙهايون ٿا ۽ پاڻ ڪتاب جي هر هڪ سٽ تي اڱر رکي پڙهندا ويا ۽ فقير صاحب پٺيان پڙهندو رهيو فقير صاحب کي هي ڪلام پڙها يائون .
46
47 ٿلھ ؛ لاهي ويھ مَ لڏ هل ته پهچين هوت کي 1 ڪم نه ايندئي ڪيچ ري ڪا ٻي اڏاوت اڏ 2 ڀنڀا هن ڀنڀور جا نيئي رسائيندئي کڏ 3 ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو بيٺو ڪرئي سڏ 4 هل ته ڪيچ قبول ٿئين هت رلاءِ مَ هڏ 5متان منجھين ”منٺار “ تون ڏينهن وڃنئي ٿا ڏڏ
48
49 اهو ڪلام پڙهائڻ کان پوءِ ڪتاب ڏيئي فرمايائون ته هاڻ اسين اوهان سان گڏ آهيون ماشا الله ۽ پاڻ گهوڙي تي سوار ٿيا ۽ جتي هينئر سندن مزار آهي اتي اچي فرمايائون ته هي اوهان جو مڪان ميخانو آهي ۽ پاڻ روانا ٿيا . فقير صاحب جن گهوڙي جي واڳ وٺي اڳ ۾ ڊڪندا هليا ۽ انهي حالت ۾ سندن اک کُلي ته پاڻ کي پگهر ۾ شم ڏٺائون صبح جو اکر شناس ٿي پيا ۽ ڀٽائي صاحب جو رسالو رواني سان پڙهڻ لڳا ۽ پاڻ شعر چوڻ به شروع ڪيائون جو لکندا به پاڻ هُيا ۽ پڙهندا به هيا جيڪو به شعر هڪ دفعوزبان مان نڪرندو هو ته اهو دل تي ڇپجي ويندو هو پاڻ افاقي ۽ الهامي شاعر ٿي پيا ۽ مٿن مستي جو جذبو وارد ٿيو جو جڏهن به ننڍ جي جھير ايندي هُين ته حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه جن جي زيارت ٿيندي هئي ۽ وري انهي جذب ۽ (سيرسياحت)جلال ۾ اچي ويندا هئا. فقير صاحب جن پوءِ سگهوئي دائود فقير سان گڏ سودري روانا ٿيا سودري پهچڻ کان پوءِ فقير صاحب انهن ڀيلن وٽ ويو ۽ ڀيل فقير صاحب جن جا طالب ٿيا ۽ خدمت ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ پاڻ اتان اجمير شريف روانا ٿيا جتي خواجه غريب نواز جي زيارت کان مستفيض ٿيا .
50
51
52 سندن وفات جئين ته فقير صاحب جن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجو مقبرو ۽ ان جي لحد مبارڪ ٺهرايو هئائون ڪڏهن ڪڏهن ڪجه وقت اُن ۾ سمهندا به هئا ان مان ثابت آهي ته پاڻ موت کي هر وقت ياد رکندا هئا. (1)هڪ شوال سن 1353ھجري عيد الفطر نماز پڙهي عزيز اقارب ۽ سڄي جماعت کي مڪان تي وٺي آيا ۽ پنهنجي آخري آرام گاھ تي بيهي کين چيائون ته هي جاءِ اسان جي آخري جاءِ آهي ۽ پاسن ۾ به جايون ٿينديون جيڪي آئون پنهنجي ٻنهي پوٽن کي ڏيان ٿو . ڇو جو سندن فرزند سندن حياتي ۾ وفات ڪري ويو هو تنهن ڪري ، سندن وڏي ڀائٽي حاجي مير حسن کين چيو ته الله سائين توهان کي وڏي حياتي عطاڪي اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو . پاڻ فرمائيائون ته آئون هاڻي توهان وٽ صرف ڏھ ڏينهن آهيان مون گهُري محرم جي ڏهين تاريخ هئي پر هاڻ ٿي شوال جي ڏهين ، جيئين ته پاڻ پنهنجي هڪ مرثئي ۾ چيو اٿن .
53
54 ماھ محرم جي ڏهين تاريخ تي شل دم ڏيان حُب رکي حُسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان
55
56 نائين شوال تي کين معمولي بخار آيو ۽ پاڻ شام جي وقت پنهنجي سڀني عزيزن ۽ ڳوٺ وارن کي گهُرايائون ۽ کين چيائون اسان کي پنهنجي مُلڪ وڃڻ جي خوشي آهي ۽ پُٺيان روئجو متان ۽ نيڪ نصيحتون ۽ دعائون ڪيائون سومهڻي مهل سڀني کي چيائون ته هاڻي وڃي آرام ڪريو اسين به آرام ٿا ڪريون . ٻيا سڀ ويا هليا ليڪن سندن وڏو پوٽو فقير ولي بخش مرحوم کان پڇيائون ته رات ڪيتري آهي، پاڻ جواب ڏنائون ته پهر کن رات آهي پاڻ وضُو ڪيائون ۽ فقير ولي بخش مرحوم کي چيائون ته کير پياريو . ان وقت فقير ولي بخش جن کين کير آڻي ڏنو پاڻ کير پي سولا ٿي سُتا ۽ چيائون ته هاڻ اسان جي مٿان ٽپڙ وجهي ڇڏيو ۽ پاڻ ڪلمون پڙهڻ شروع ڪيائون ۽ ڪلمي پڙهندي پڙهندي سندن دم پرواز ٿي ويو ( انا الله و انا عليه راجعون)
57
58 سندن شاعري منٺار فقير جو شعر آفاقي ۽ اِلهامي آهي . منٺار شعر جي ڪيترن ئي صنفن ۾ ڪلام چيو آهي جئين ته ڪافي ، بيت ، مدح مولود مناجات، مرثيو ، ڏهر ثي حرفي لولي وغيره هتي اسين هي ڳالھ فخر سان لکون ٿا ته سڄي سنڌ جي گذريل شاعرن مان ڪلام جي تعداد تي نظر وجهبي ته سچل سرمست کان پوءِ ٻيو نمبر منٺار فقير کي ڏبو ته وڌاءُ نه ٿيندو پاڻ چار رسالا مڪمل ڇڏيا اٿن. 1رسالو خدائي ڇپجي چڪو آهي . جنهن مان هي ڪجھ بيت آئون وائس آف سنڌ کي موڪلي رهيو آهيان اهي بيت رسالي خدائي جي 700صفن مان صرف 22 صفن تي مشتمل سمجھو ته سمپل طور توهان جي آڏو پيش ڪري رهو آهيان تمام مختصر بيت . 2 رسالو مرتضائي . سوبه ٻيو دفعو ڇپجي ڪو آهي 3 رسالو رهنمائي .اهو به ٻيو دفعو سروري پبليڪيشن طرفان ڇپيو آهي 4 رسالو سدائي جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي سندن ڪيترو ئي ڪلام قلمبند نه ٿي سگهيو ۽ عام محفلن ۾ ٻڌ جي ٿو جنهن جي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوشش جاري آهي . اِلهامي شاعر منٺار فقير جي شاعري مان ڪجھ بيت هيٺ ڏجن ٿا.
59
60
61
62 شاعر منٺار فقير راڄڙ (کاڻي) بيت 1 اول نام الله جو ، جو خالق خالقڻهار قادر رب ڪريم ، سو جل جلال جبار وصف ۽ واکاڻ کان آهي پري تنهنجو پار ڳڻي ڳڻيندو ڪيترا ، ان جا معجزا ”منٺار“ صاحب رب ستار ، ٿيو راضي رب رسول تي
63
64 2 ٿيو راضي رب رسول تي ، محّمد لڌو مان مَلڪن کان به مٿي ڪيئين تنهن سيّد سندو شان پيدا سندس نور ٿيو جمع سڀ جهان سج چنڊ تارا ڪتِيون عرش زمينون آسمان سڀئي سوالي سيّد جا تنهن در گهرن دان ”منٺار“ به منگتو تنهن جو آهي ڀٽ ڳائيندڙ ڀان او آخرآھ ضمان ڪريم ڏينهن قيام جي
65
66 3 واري ڳول وجود ۾ ته تو ۾ ٻولي ڪير مجھئي تيرت تڪيو تون پري پاءِ م پير الانسان سري واناسره جنهن منجھ ڦند نه ڦير متان منجهين ”منٺار“ تون ڇڏ ٻولي جو ڀير سمجھي لهج سوير ته الک تو هي کي اوڏڙو
67
68 4 الکه تو هي کي اوڏڙو تون پري پير م پاءِ تو ۾ سر سميع جو تون دئوڙي دل سين لاءِ ونحن اقرب اوڏڙو الکه توهي کي آھ ”منٺار“ پنهنجي من جي هئن کي هٽاءِ غير غئين جو لاھ ته عين وڃي اثبات ٿئي
69
70 5 عين وڃي اثبات ٿئي جنهن منجھ حال حلاج پاڻ پسڻ کان پري ٿيئي تڏهن صورت سرتاج غير جنهن سين گم ٿئي اهو ڪر علاج ته ڏاتر بخشئي ڏاج ، کڻي مردن جي منزل جو
71
72 6 مردن جي منزل ۾ ڇڏ لاڳاپا لاهي تنهنجو ڪم ڪريم سين پوءِ دنيا سان ڇاهي فاذڪروني اُذ ڪر ڪم ، وڃ قرب منجھئون ڪاهي مٿو محبوبن کي ڏج سر سنت لاهي اهو مرڪ آهي محبتين منٺار چئي
73
74 7 محبتي منٺار چئي انهي ريت رهن جو پسڻ ڪارڻ پرين جي ٿا سر صدقي ڪن باغ بهشت جا جنتون ترڪ ڏنائون تن طالب الدنيا مخنث ڪر خلق ڦٽو کدڙن طالب الموليٰ مذڪر ٿيءُ مرد منجھان مردن سڃاڻج حرف حديث جو ائين چيو محبوبن محبت ۾ ”منٺار“ تون ڏج پساه پرين جيڪي انهيءَ اهنڃاڻ عاشق چئجي اُن کي
75
76 8 ڪر ياد پنهنجي رب کي جنهن توکي اُپايو مٽي سنديءَ مُٺ مان توکي باري بنايو پوءِ پاڻيءَ مان پيدا ڪري توکي هادي هلايو هنر حرفت ڪيتري توکي صاحب سيکاريو ”منٺار“ پنهنجي من سين سو سدا ساراهيو ڳايو وڃايو ڪج تعريفون تنهن رب جون
77
78 9 ڪر ياد پنهنجي رب کي جنهن جوڙيو سڀ جهان سڀــــــئي عالم اُن جو هندو مسلمـــــــــــان ”منٺار“ مالڪ آهي راحم ڌڻي رحمـــــــــــــــــان ساراهي سبحان ڪر تعريفون تنهن رب جون
79
80 10
81
82 ڪر ياد پنهنجي رب کي تون وسئون ڪيم وسار جان جان آهين جيئرو تان تان تند تنوار دنيا سڀ ترڪڻ تال اٿئي غفلت ۾ م گذار مُئي سندي منٺار تون هستي مڙئي هار ڏينهن اٿئي ٻه چار اُٿي اور الله سين
83
84 11
85
86 ڪر ياد پنهنجي رب کي اندر ساھ پساھ بنا ياد يار جي تنهنجو ٻيو نه وسيلو واھ اِن ويسر سندي وير ۾ لکين ٿيا گمراھ تون تون سندي تسبي منٺار پڙھ مداھ هو هو ڪر همراھ ته وڃين سفر ۾ سکيو ٿي
87
88 12 هت حاڪم اڳه به هزار هئا پر ڪھ ته ويا ڪاڏانهن هرگز هت نه رهڻو تون به ويندي تاڏانهن ”منٺار“ پنهنجي من سين جن سڃاتو الله سرهو ٿئي ساھ جڳ جڳ رهن جيئرا
89
90 13 واھ قدرت واحد سندئي چئو قبلي چوڌارا ڪئين زمين ڪئين فلڪي سج چنڊ ڪتيون تارا جيڪي خلقي خلقڻهارا ، سو معلوم اٿئي منٺار چئي
91
92 14
93
94 واحد وڏائي تنهنجي جا مون آهي لائي من ته هادي تنهنجي حڪم سان اکيون ٿيون ڏسن ته هي جي ڪن ڪپار جا سببا تو سڻن زبان تنهنجي زور سين چپ ڏند ٿا چرن اڱڙا تنهنجي احسان سين هٿ پير ٿا هلن جڏهن صاحب ساھ کسيو وٺي تڏهين بازيون بسم ٿين وڃيو مٽي گڏجي مٽي سين منجھ واري جي ورڪن يا موليٰ ”منٺار“ چئي تون آهين قادر ڌڻي ڪُلن ڳڻي ڇا ڳڻجن ڪئين عجب تنهنجا اهڙا
95
96 15 توريءَسرت نه سمجھ ڪا توريءَ نه ٿئي اُڪلاءُ توريءَڪنڌي منهنجي ڪانه ڪا توريءَنه وسيلو واھ يا موليٰ ”منٺار“ چئي تون هادي ٿيءُ همراھ آهين تون الله ڪُل قدرت جو ڌڻــــــــــــــــــــــــــي
97
98 16 ڪلمي جي ڪنجيءَ سان ڪرُف قلب جو کول سٽون سڪ جي سور جون اندر ٻاهر ٻول فاذ ڪروني اذڪر ڪم دل ترازيءَ تول ”منٺار“ مالڪ ملڪ جو آهي قادر تنهنجي ڪول ڳوٺ وسيون مَ ڳول الکه تنهنجي اندر ۾
99
100 17
101
102 الکه تنهنجي اندر ۾ صاحب رب ستار ونحن اقرب اليھ من حبل الوريد ، ڪر انهي آيت اعتبار منٺار موڳائي ڇڏي پنهنجو هُوش ڪجان هُشيار ته واحد تو کان وار ، پرور پري ڪين ڪي
103
104 18 پرور پري ڪين ڪي توکان رازق رب رحيم آهي ڪک پن ۾ ڪلتار سو قادر پاڻ ڪريم والله بڪل شيءَ محيط ٿو آگو چوي عليم جي ” منٺار“ سڃاڻي ميم ته احد توکي عين ٿئي 19 احد توکي عين ٿئي هوند چئو قبلي چوڌار ٿي موتو قبل انت موتو ته لهي مرڻ ميار الاانسان سري وانا سره اِيءَ معنيٰ ڏس منٺار ته تون پڻ تند تنوار هي هو هادي هيڪڙو 20 هي هو هادي هيڪڙو جان ڪيو مطالع مون ڪلمون لاالله الاالله جو پڙهي پروڙيو سون ته ريءَ خدا ٻيو ناھ ڪي جنهن کي چئجي ڏون آءُ پڻ آهيان ڪين ڪي تون رب آهين تون ” منٺار “ پنهنجي من مان ماري ڇڏج مون عرش آسمان ڀون ، آهي هونگ مڙيائي هيڪڙي
105
106 21
107
108 بحر بلاول جو چڙهيو دل مٿي درياھ موج مٿاهين ٿو ڪري البيلو اوڙاھ واقف گهرجي وير جو ميربحر ملاح سو تڙ سرور شاھ مان ڪري ”منٺار“ کي
109
110 22
111
112 مان ڪري ”منٺار“ کي سوتڙ سرور شاھ ڏسي ٿو ڏاتار جو اسم نام الله افضل اٻوجهن کي آهي رند رسولي راھ ساقي سرور شاھ آهي آب حيات جو
113
114 23
115
116 آهي آب حيات جو ساقي سرور گهوٽ جتي واھ وحدت جو وهي چڙهندڙ چوٽان چوٽ منگتا اور نه موٽ وڃ ته واصل تون ٿئين
117
118 24 چئو تون الله هيڪڙو سمجهي سرت ساڻ ذڪر پڙهڻ ذات جو آهي اجرڻ جو اُهڃاڻ ته پارس منجهان پاڻ هوند سڄوئي سون ٿئين
119
120 25 راڳه ڪجي ڪلياڻ جو ڀلو منجھ راڳن جنهن جي سوز سڻڻ سان ٿا جوش گھڻا جاڳن مان مُٺي ”منٺار“ چئي برھ ذرو ڀاڳن موٽي جن ماڳن رم انهي راھ سان 26 ڪوٽ قصر قيد اچي آءٌ پياس آءُ بندياڻي بند ۾ هتي هئين ٿياس تن مارن کي ”منٺار “ چئي وسري آءُ وياس ڪرم هيئن ڪياس جو ٿر مارو آءُ ماڙيئين
121
122 27
123
124 پهاڙي پريت کي ٿي سڀ دم سڌاري تنهن جي تند تنوار تون وجود ۾ واري ”منٺار“ پنهنجي من ۾ اُداس نر تئون نهاري جو اندر اجاري سو صيقل هڻ ته صاف ٿئي
125
126 28 پهاڙي پياس يار جيءَ منهنجو من ماري ڪيو مڃ دلبر دل کسي ويو ڪري سرير ۾ سڃ اَٿم يار عجيب جي اڪنڊ ۽ ٻي اُڃ برھ لائي ڀُنڃ مون مُئي سين ”منٺار“ چئي
127
128 29 جيسي پياس پهاڙي راڳني ، تيسي پياس ميري من ڪي لنئون صنم سون لڳه رهي تار ميري تن ڪي صورت سجن ڪي موھ ڳئي ”منٺار“ نون
129
130 30 جيسي پياس پهاڙي راڳني تيسي پياس ميري من پاس لنئون صنم سون لڳه رهي تار طلب ڪي تاس اڪ وار ملن ڪي آس مجڪون” منٺارو“ ڪهي
131
132 31 ڪونسيو ڳاءِ قلب مان پنهنجو هوش ڪري هشيار رکج انهي راڳه تي اندر جو اعتبار ”منٺار“ پنهنجي من ۾ ڪر ويسھ جو ويچار ته پريون پار سڪ سچائي جي رکين
133
134 32 روپ ڪري چئو راڳني قربئون ڪسوري دلڙي ڏجان دوست کي سنت سموري ”منٺار“ تنهنجي من جي هوند پوءِ ٿئي پوري اي مقصد منظوري مان ملئي محبوب کان
135
136 33
137
138 روپ ڪري چئو راڳني ڳاءِ تلنگ جي تان هستي هئڻ وجود ۾ ڪاوڙ ڇڏ ڪان پوءِ ”منٺار“ محبت جو ماسو ملئي مان عشق ملئي احسان مل سان ملي ڪينڪي
139
140 34
141
142 بروو ڳاءِ برھ مان جو وڍيل ويچارو من اثر وٺي ان راڳه مان من ٿئي ورھ وارو محبت ري ”منٺار“ چئي اٿئي مڙئي مونجھارو چل وٺي چارو ، عشق جي آڌار سان
143
144 35 چئي ڪيڏارو ڪربلا جو ياد ڪجان تون ڏينهن علي جي اولاد تي مرغ وٺو مينهن موليٰ جو ”منٺار“ چئي نبيھ ٿيڙن نينهن سورهيه سيد شينهن عاشق ٿيو الله جو
145
146 36 حسينيءَ جي حال مادر ماري آهيان وسرن ڪين وجود مان جيڪي ڪيچي ويڙا ڪالھ ريءَ محبوبن ”منٺار“ چئي مون نه گهرجن مال ڇپر جھاڳي شال پسان مان پنهون کي
147
148 37 ڪوهيارل ڪيا ڪامڻ جادو جيءَ ۾ وسرن ڪين وجود مان جي هتان هوت ويا مونکي سندن ”منٺار“ پل پل پور پيا هلنديس آءُ هِيا ويهنديس ڪين سرتين وچ ۾
149
150 38
151
152 ڪوهيارل ڪوري منهنجا جيرا جگر جدا ڪيا لائي باھ برھ جي چت اندر چوري مان مِلان ”منٺار“ چئي ڏونگر سڀ ڏوري وڃان گهوٽ مٿان گهوري ، ڏيان سر سيج رڻ ۾ صدقو
153
154 39
155
156 آءُ سُتي هو هليا ڪشيو ڪيچيئڙن اٿيس ويل عصر جي ته هاڃو ڪيو هوتن مونکي گهڻيون ”منٺار“ چئي اوقاتون اچن پڄاڻا پرين ڏيندس باھ ڀنڀور کي
157
158 40 آهيان تنهن جي آسري جنهن جو جوڙيو جڳه جهان ڪاهي ڏسنديس ڪيچ کي جو موچارو مڪان پسان مان پنهوءَ کي جو سر ڪردو سلطان سو آرياڻي اڳواڻ ، مان مُٺي ”منٺار“ چئي 41
159
160 جبلڙا جواب ڏي آءُ ٿي پڇان ڏس ڏونگرڙا ڏيکار مون گهوٽ پنهل جو گس جي آءُ مليس ”منٺار“ چئي ته توکي چوندس جس ڪريان وڃڻ سان وس ، پسان مان پنهون کي
161
162 42 سارنگ کي سنباھ ، لاءِ وسڻ ولائتن جي پورپ ۽ پنجاب تي پلر کي پلٽاءِ قابل ۽ ڪشمير تي ڪڪرن کي ڪڙڪاءِ ابر عربستان تي چڳي ڀيڄ ڀڄاءِ هاڻي هندستان جا پوٺا پٽ پُساءِ والي مينهن وساءِ موهر تي ”منٺار“ چئي
163
164 43 سارنگ آيو سنڀري ڪئي مينهن ملاري چئو قبله ڪئين چيز ٿيا سبز زمين ساري کيڙن کيٽ خوشيء مان حرص ڪيو هياري آءُ پڻ اُڃاري ريءَ محبوبن ”منٺار“ چئي
165
166 44 سارنگ ڪر سينگار سڻي سدائون منهنجون ڏيھ ڏڪاريا گهڻو سي هنڌ ڪر سڪار رحمت سان راڄڙ چوي ڪجان ميگھ ملهار سرهو ٿئي سنسار، جي وسي آب ابر جو 45 سورٺ ساز سڻڻ سان ، وسري مون ويئي سڻندي سرير ۾ اچي پرت ڳنم پيئي مرڪائي ”منٺار“ چئي سو ڏان ڳنئي ڏيئي مال مٿو ٻئي ملڪ تنهن جي منگتا 46 سورٺ ڪئين سوين ڪيون کي منٿون مڱڻهار ته ڏيئين بدل ڏياج جي هيرا لعل جواهر تڏهن منگتي ڪيو ”منٺار“ چئي اتي پڻ انڪار ڪيس ڌڙ سسيءَ کان ڌار ، مٿو کڻي موٽيو 47 بسنت راڳ بناءِ تون سمجھي سرت ساڻ سڀ سٽائون سڪ جون ثابت تون سڃاڻ ”منٺار“ موليٰ جي محبت ۾ پڻي ڪجانءِ پاڻ عاشقن اهڃاڻ ، ٿيا مثل مٽيءَ خاڪ جي
167
168 48
169
170 کنڀاٽ چئي خيال سان ويهي ڪر واکاڻ تهڙو مورهون ناهي ملڪ ۾ جهڙو پين پاڻ قمر مهتاب ”منٺار“ چئي سڪن لاءِ سڄاڻ سورج سنديس آڻ ، اٺئي پهر ادب ۾
171
172 49 پيلو راڳ پريت سان چڱي ڀت چئيج روپ انهي جي راڳني ڪري لات لئيج تنهن معنيٰ ۾”منٺار“ تون پڻي ٿئي پئيج منجهان نياز نئيج ، عشق جي آواز کي 50
173
174 مانجھ چئي تون مهل سر روپ ڪري چئو راڳ سڻي جي سمجھي رهيا تن لڳو عشق اجھاڳ موليٰ ريءَ ”منٺار“ چئي ٻيو ڇڏ ملڪيت ماڳ سندو تن سڀاڳ ، جي عاشق ٿيا الله جا 51
175
176 پوربيا پري ويا سامي سمجھائي مادر ماري آهيان آئون سندن ڦوڙائي الله آديسين کي من واحد ورائي شل پير اچن پائي ، مون اڱڻ ”منٺار“ چئي
177
178 52
179
180 جوڳ جوڳي دي نال ٿيسان مئين جيجل جوڳياڻي کھ ٻن کيڙا جهنگ سياليان کھ پيڙهي ڏاڏاڻي ويکو ماهي ڇوڙي ”منٺار“ آکي شاهي شاهاڻي ڪيو مين هير نماڻي ، ڪيوين رانجھن مالڪ راڄ دا
181
182 53 جيئن جوڳ نماڻي راڳڻي تيئن عشق نماڻي هير ميثاقئون ”منٺار“ چئي هئي طرف سندس تقدير جڏهن فضل ڪيو فقير،تڏهن راجهن مليو رنگپور ۾
183
184 54 جيئن جوڳ نماڻي راڳڻي تئين هير نماڻي هوءِ ڪي مشڪل جا ڏينهن ”منٺار“ چئي هئي لاءِ جدائي جوءِ تنهن وقت پڃاڻان پوءِ رانجھن رنگپور ۾ مليو
185
186 55
187
188 انهي ورھ مونکي ماءُ ! وڌو مامري عشق يار عجيب جي چوري ڪيس چري ريءَ ملڻ”منٺار“ چئي وينديس مفت مري ان ڳڻتي منجھ ڳري ، وينديس کپي خاڪ ٿي 56 آسا ڪر الله جي جو ڏيڻ جو ڏاتار آهي ڏيندڙ ڪُل کي ڏيھ ڌڻي هر وقت هروار منڱا سدا ”منٺار“ تون سون سڃاڻي ستار ته ڏسين ڪونه ڏڪار ، جي در داتا جو نه ڇڏين
189
190 57
191
192 آسا اباڻن ۾ اڃان مون آهي ڇيهئون ڇڏينديس ڪينڪي آسرو لاهي جو عيبن ڀريل اولاد کي مائٽ نه مارائي تڏهين قيدون ڪڍائي ، مارو نيئندم ”منٺار“ چئي
193
194 58
195
196 آسا چئي الله کي ويهي ڪيرت ڪر ڏهاڙي ڏاتار جي وڃ داتا جي در متان ڇڏين ”منٺار“ تون سا پينارن جي پر گهُر ته آڻين گهَرِ ماڻڪ موتي منگتا
197
198 59
199
200 ڳاءِ بلاول ڀان ٿي سڃاڻي سلطان عالم جنهن جي آسري آهي جڳ جهان تنهن محّمد کان ”منٺار“ چئي منڱتن لڌو مان داتا وٽان دان ، پينو وٺي پُر ٿيا
201
202 60
203
204 ڀوَر کي چوء ڀيروي سنڀالي سرڪار ڪل نفس ذائقت الموت نرتئون تون نهار ”منٺار“ معنيٰ تنهنجي وجود ۾ ويچار هستي هئڻ هار ، رکي خوف خدا جو
205
206 62
207
208 چوء لوڙا لئولات سين جو ڦٽيل منجھ فراق وره جا وجود ۾ چور ته چِڪِنَئي چاڪ محبت ۾”منٺار“ چئي ڪئين مري ويا مُشتاق خدا پرور پاڪ ، سڪندڙ سي سرها ڪري
209
210 62
211
212 چوء جھونگاري جهنگلو ڪري وجود ۾ ويچار ته ڪک پن ۾ ڪلتار سو صاحب رب ستار ”منٺار“ پنهن جي من جون اکيون ڪر اِظهار ته واحد توکان وار ، پرور پري ڪينڪي
213
214 63
215
216 وڻجارن جي واٽ ، نت نت ٿي نهاريان انجي اچڻ لاءِ ، تي باسيم جاٽ مونکي سندن ”منٺار“ چئي آهي اُڃ اُساٽ ڳوڙهن ڀريو ڳاٽ اکيون اوڏانهين کڻان
217
218 64
219
220 ليلان لولا ٽيون ڪري ٿي داسڙا تو در ته چنيسر ڄام چڱايون تون ڪامل مونسان ڪر معافي ڪج ”منٺار“ چئي مون منجھ عيب اپر آئون آهيان بي اثر ، تون ڍولا ڍولج ڪيم ڪي
221
222 66
223
224 راڻا ڪيم رسيج سوڍا سرت سڃاڻ تون ڍڪي عيب اسان جا ترسي تون تسيج هن محلي ۾ ”منٺار“ چئي وارث ٿي وسيج ڪا ڏاهپ جي ڏسيج مت مومل کي مينڌرا
225
226 67
227
228 مارئي کي ميان ، عمر! عيب مَ لاءِ تون سنگھارن جي سٿ ۾ شل وڃي ٿر ٿيان تن مارن سان ”منٺار“ چئي وڃي پِسَ پِيان ته جان ڪي تان جيان ، جي پنهوار ڪنم پنهن جي
229
230 68
231
232 مرڪ نه مونهنجو سومرا جو عيش ڪريان آئون کاڄ اسا جو کنڀيون سنڱر ۽سائون تنهن مارون سان ”منٺار“ چئي لڌيم جت لائون اُت مونکي چتاري چيائون ته ريت مَ ڇڏج راڄ جي
233
234 69 ڌناسري جي ڌير منهنجو جيءَ جياريو اسين اوهان جي آهيون دامن دستگير متان ڇڏين ”منٺار“ چئي مونکي پلئه لائج پير منجهان سختيءَ سِير ، اڪارج احسان سان
235
236 70 ڌناسري نار ، ڇڏ يو ڇنيو ڪينڪي واري گڏج وَڳ ۾ ، سنڀاري سنگهار منهني ڪج ”منٺار“ چئي پوئيواري پنهوار هاڻي اچان تو آڌار ، پنهنجي وطن جي وٿاڻ ۾
237
238 71
239
240 بروو بندياڻي آئون قسمت قيد ڪياس لکئي لوح قلم جي پياريم پاڻي مارو ٿيندم”منٺار“ چئي سختي ۾ ساڻي ننگڙو سڃاڻي ، وٺي ويندم ويڙھ ۾ 72 چئي پرڀاتي جو پنهنجي ڪج پروڙ اٿي اور الله سان ڇڏي ٻيا ضرور سچ ملندئي ”منٺار“ چئي ڪم نه ايندئي ڪوڙ آتڻ منجھ اروڙ ، سٽ صافن ڦولهيا
241
242 73
243
244 چئي صبحڙو صبح جو ذڪر دليئون زبان فاذڪروني اذڪرڪم فرمايو فرقان ايءَ معنيٰ پڙھ ”منٺار“ تون اهو ڪوڙ نه منجھ قرّان وسهي ساڻ ايمان ، واحد وسارج ڪينڪي
245
246 74
247
248 چئي ڪانرو قلب سان صاحب رب سڃاڻ ته ساري دل صفا ٿئي هوند ذڪر ذاتيء ساڻ ”منٺار“ محبت رب جي آهي اُجرڻ جو اهڃاڻ تنهن پارس جو پرياڻ جنهن لک مڻ لوھ جا سون ڪيا 75
249
250 سڙن سدا سڪ سوز ۾ محب تنهنجا مشتاق وڍيا جي وهلور ۾ نت چير چڪائن چاڪ ماريا سي ”منٺار“ چوي تن جي ڦوڙائي ڦراڪ اچين جي اوطاق ، ته سورن کان سگهي ٿيا 76 سڪندي سڪندي سڙ رهيا ميڪون سڪندي ٿي ڳيا سال سڻ عرض ميڏيان آزيان ڪروي ڀلائي ڀال سڻ اسان ڏا سوال مڃ عرض”منٺار“ دا
251
252 77
253
254 جئين نوازي نوري ڪيئ ، مٿي مهاڻي مونکي تيئن تماچي ڄام ، رنگ محفل ۾ رساڻي پنهنجي پلئه ۾ آئون ، لائق لڄاڻي ڏي پلئه ته پاڪ ٿئي وڃي نوري نماڻي لائق تنهنجي لطف جو ، پرو ناھ پڄاڻي اچي نواز ته ٿيان نئين ، نه ته پاند پُراڻي جيڪا توکي تماچي وڻي ، آهي اُها اگهاڻي نيئي راڻين ۾ راڻي،مونکي من ڪرين”منٺار“ چئي
255
256 دعائن جو طلبگار خير محمد ولد حاجي فيض محمد هنڱورجو کپرو